سلطان ڪوٽ

سلطان ڪوٽ: هي شهر سلطان احمد خان پٺاڻ آباد ڪيو هو، جيڪو ميرن حاڪمن جي ڏينهن ۾ افغانستان کان هجرت ڪري آيو هو. هي شهر شڪارپور کان اتر طرف 20 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. شروع ۾ سلطان احمد خان هتي هڪ ڪوٽ ڪڍرايو هو، جنهنڪري ’سلطان ڪوٽ‘ سڏجڻ لڳو. سردار سلطان احمد خان پٺاڻ کي محمد رحيم خان ۽ ارسلان خان نالي ٻه فرزند هئا. آغا غلام نبي پٺاڻ، سلطان احمد خان عرف سردار ڀورا خان، ميجر عطا محمد ۽ آغا طارق جو شمار هتان جي سياسي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. موجوده دور ۾ آغا تيمور خان به سياسي ميدان ۾ پنهنجي وڏن جي جاءِ والاري آهي، جنهن جو تعلق به هن شهر سان آهي. هن شهر جي آبادي 30 هزار جي لڳ ڀڳ آهي. هتان جي زمين ڪلراٺي هئڻ سبب پاڻي ڪڙو آهي، ان ڪري ٻاهران ٽيوب ويل ذريعي پاڻي ايندو آهي. ورهاڱي کان اڳ هتي هندن جي ڪافي آبادي هئي. هن وقت هتي بابڙ، ڪاڪڙ، ترين، گاڙي، پانيزئي، خجڪ ۽ شيرواني پٺاڻ، سيد، لوڊرا، دايا، ڪيهر، راڄپوت، چنا، سومرا، انصاري، ڪنڀار، لانگاهه لاشاري، ڪاڪيپوٽا، عباسي، شيخ، جمالي، ڀرچونڊ ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا. هي شهر علم ۽ ادب جي لحاظ کان مشهور آهي. هتي ريلوي اسٽيشن، پوليس ٿاڻو، سرڪاري اسپتال، گورنيمينٽ بوائز هاير سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول،گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول، گورنمينٽ پرائمري گرلس اسڪول موجود آهن.


لفظ سلطان ڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو